مقصودو رند ڀرسان جکرا برادري ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا

مقصودو رند ڀرسان جکرا برادري ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان فائرنگ جي نتيجي 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا.

لنڊو ڀرسان ڳوٺ ڪليرا جکرو ۾ جکرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان فائرنگ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻو امام بخش، نظر ۽ سڪندر عرف بابو مارجي ويا ۽ علي شير ۽ غلام علي زخمي ٿي پيا.

پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي شهدادپور اسپتال پهچايو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پوليس موجب ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جنهن بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*