نئون ڪوٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي تحفظ جي گهر ڪري ڇڏي

نئون ڪوٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان ۽ ناري تحفظ جي گهر ڪندي چيو آهي ته هنن پنهنجي مرضي ۽ رضا خوشي سان شادي ڪئي آهي، کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

نئون ڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيار جو پرڻو ڪندڙ پنجاب واسي جوڙي شهزاد فيروز ۽ ناري اقصيٰ چيو ته هنن پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي.

پريمي جوڙي جو چوڻ هو ته هنن گذريل مهيني جي نائين تاريخ تي ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾  پنهنجي نئين زندگي جي شروعات ڪندي پسند جو  پرڻو  ڪيو، مٿن ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه هو.

هنن مطالبو ڪيو ته جان کي خطرو هئڻ ڪري هو دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*