آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽسمين فلپ هيوز بائونسر لڳڻ سبب ڪوما ۾ هليو ويو

آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي  بيٽسمين فلپ هيوز کي ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ جي هڪ ميچ ۾بائونسر لڳي ويو آهي،جنهن سبب هو ڪوما ۾ هليو ويو آهي،کيس ايمرجنسي ۾ اسپتال داخل ڪيو ويوآهي.

آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ شيفل شيلڊ جي هڪ ميچ ۾ بيٽنگ ڪندي فلپ هيوز کي بال مٿي تيز بائونسر لڳو، جنهن سبب هو توازن برقرار رکي نه سگهيو ۽ هيٺ ڪري پيو.

بال فلپ هيوز جي هيلمٽ ۾ لڳو ،جيڪو ٽٽي پيو ۽ سندس چهري تان رت وهڻ لڳو.

شروعاتي طورتي کيس فرسٽ ايڊ ڏني وئي پر سندس طبيعت ۾ بهترين نه اچي سگهي جنهن سبب کيس ايمرجنسي بنيادن تي اسپتال نيو ويو ،جتي سندس مٿي جو سٽي اسڪن ڪيو ويو.

سٽي اسڪن بعد فلپ هيوز ڪوما ۾ هليو ويو آهي، جنهن سبب ڊاڪٽرن ايمرجنسي بينادن تي آپرِيشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ان موقعي ته ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جيمز سڌرلينڊ جو چوڻ هو ته کيس ان حادثي بابت خبر پئي آهي،جنهن جو کيس ڏک پهتو آهي.

هن چيو ته فلپ هيوز کي اسپتال ۾سموريون سهولتون فراهم ڪيو پيون وڃن۽ هو گهڻُو پراميد آهي هيوز جلد فٽ ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*