ٽاس کٽي ڀرپور ڪوشش هوندي ته وڏو اسڪور ڪري ڪيوي ٽيم کي دٻاءِ هيٺ آڻيون ڪپتان مصباح الحق

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته ٽاس کٽڻ بعد سندن ڀرپور ڪوشش هوندي ته وڏو اسڪور ڪري ڪيوي ٽيم کي دٻاءِ هيٺ آڻينداسين.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ گڏيل عرب امارتن جي شهر شارجه ۾ جاري آهي.

قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

قومي ٽيم ۾ ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهي، اوپنر توفيق عمر ۽فاسٽ بالر احسان عادل جي جاءِ تي محمد حفيظ ۽ فاسٽ بالر محمد طلحه کي شامل ڪيوويو آهي،جڏهن ته ڪيوي ٽيم کي اسٽار ليف آرم ليگ اسپنر ڊينيئل وٽوري کي شام ڪيو ويو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*