جاگيردار حڪمرانن سبب صوبي جو عوام بنيادي حقن کان محروم آهي بابر غوري جو وزيراعظم نواز شريف کي خط

ايم ڪيو ايم   جي سينيٽر بابر غوري  وزير اعظم نواز شريف کي خط لکي چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ ڀرتين ۾ قاعدن ۽ضابطن تي عمل نه پيو ٿئي، جاگيردار حڪمرانن سبب صوبي جو عوام بينادي حقن کان محروم آهي.

سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکڻ کانپوءِ بابر غوري وزير اعظم کي خط لکي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي پاليسي جاري آهي ۽ پ پ جي حڪومت ۾ ڪامورا شاهي بد عنوانين ۾ ملوث آهي.

بابر غوري وزير اعظم کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا سمورا ميمبر پ پ کي ويجها آهن ۽ نوڪرين ۾ قائدن توڙي ضابطن تي عمل نه پيو ٿئي.

بابر غوري خط ۾ اهو به چيو آهي ته ميرٽ تي عمل نه ٿيڻ سان با صلاحيت اميدوار ضايع ٿي ويندو ان ڪري سنڌ ۾ ٿيندڙ  برتين ۾ ميرٽ کي نظر ۾ رکيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*