ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙعدالت سليمان لاشاري قتل ڪيس ۾ سلمان ابڙو جي بريت سميت 5 درخواستون رد ڪري ڇڏيون

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوجوان سليمان لاشاري قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار سلمان ابڙو جي بريت سميت 5 درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن، جوابدار خلاف 4 ڊسمبر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

ڪراچي جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت ۾ سليمان لاشاري قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت ۾  جوابدار سلمان ابڙو جي بريت، ڪار واپس ڪرڻ ۽ تشدد ڪرڻ تي جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي سميت 5 درخواستن تي ڌرين جي وڪيلن دليل ڏنا.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار سلمان ابڙو جي بريت سميت سندس 5 درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

عدالت اهو به حڪم ڏنو ته جوابدار خلاف 4 ڊسمبر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*