ڄامشوري ڀرسان سپر هاءِ وي تان ٻن نوجوانن جا ڳوليون لڳل لاش هٿ ڪيا ويا

ڄامشورو ڀرسان سپر هاءِ وي تان ٻن نوجوانن جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن، جن مان هڪ جي سڃاڻپ لطيف آباد واسي طور ٿي وئي آهي.

ڄامشورو ۾ سپر هاءِ وي ڀرسان چوڪي نمبر 5 وٽان ٻن نوجوانن جا گوليون لڳل لاش هٿ ڪيا ويا، جن مان هڪ جي سڃاڻپ لطيف آباد نمبر 5 جي رهواسي محمد عثمان طور ڪئي وئي آهي.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي نوجوانن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*