حالتون خراب ٿيون ته ذميوار حڪومت هوندي 30 نومبر تي جلسو هر حال ۾ ٿيندو شيخ رشيد

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته 30 نومبر تي جلسو هر حال ۾ ٿيندو،حالتون خراب ٿيون ته ذميوار حڪومت هوندي.

ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڪراچي ۾ پ پ جي جلسي تي اربين رپيا خرچ ڪيا ويا پر لياري مان بسون خالي موٽي آيون.

هن چيو ته آصف زرداري جمهوريت نه پر پاڻ کي بچائي رهيو آهي ۽ عوام کي جلد ڪرپٽ حڪمرانن مان ڇوٽڪارو ملي ويندو.

شيخ رشيد چيو ته هو مڊ ٽرم چونڊن ۾ عمران سان گڏ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ جيڪڏهن هو لاڙڪاڻي وڃي ها ته تير آر پار ڪري اچي ها.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته عمران خان سياسي پارٽين کي 30 نومبر واري جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي ۽ جيڪڏهن  حالتون خراب ٿيون ته ذميوار حڪومت هوندي.

هن چيو ته هو ايم ڪيو ايم سان رابطي ۾ آهن ۽ متحده کي  حڪومت جو ساٿ ڇڏي سندن ساٿ ڏيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*