ڪاري نسل جي نوجوان جي مارجي وڃڻ ۾ پوليس آفيسر کي جوابدار طور شامل نه ڪرڻ واري معاملي خلاف آمريڪا ۾ احتجاج جاري

امريڪي رياست مِسوري ۾ گرانڊ جيوري پاران ڪاري نسل جي نوجوان مائيڪل برائون جي مارجي وڃڻ ۾ اڇي رنگ جي پوليس آفيسر کي جوابدار طور شامل نه ڪرڻ واري تاءُ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي ۽ احتجاج  جو دائرو ميسوري جي شهر فرگوسن ۽ شڪاگو کان وڌي ٻين شهرن تائين پهچي ويو آهي، جنهن سان امريڪي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسي رهيو آهي، جڏهن ته امريڪي اختيارين رياست فرگوسن ۾ڪنهن امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 7 سو نيشنل گارڊس کي طلب ڪري ورتو آهي.

امريڪي رياست ميسوري جي شهر فرگوسن ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به سخت احتجاج جاري آهي.

9 آگسٽ 2014 تي اڇي رنگ جي پوليس آفيسر ڊيرن ولسن ڪاري رنگ جي 18 ورهين جي نوجوان مائيڪل برائون کي ڊوڙائي ڊوڙائي ماريو هو ۽ مٿس ڪيترائي ڀيرا فائرنگ ڪئي هئي پر گرانڊ جيوري رڳو آفيسر جي نسل کي نظر ۾ رکندي کيس ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد نه ڪيو ۽ کيس بري ڪري ڇڏيو.

جيوري جي اهڙي فتويٰ کانپوءِ امريڪا ۾ لسانيت جي بنياد تي باهه ڀڙڪي اُٿي آهي ۽ مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو تيز کان تيز ٿي رهيو آهي.

جيوري جي نا منصفاڻي فيصلي کانپوءِ مڇريل ماڻهن فرگوسن ۾ ڪيترين ئي عمارتن ۽ گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن ڪري ڪيترائي ڪاروباري ڪنگال ٿي ويا آهن.

فرگوسن ۾ پنج سال اڳ بيوٽي شاپ کوليندڙ ڪوريائي مسٽر لِي جو چوڻ آهي ته موجوده ڇڪتاڻ سبب کيس 7 لک امريڪي ڊالرز جو معاشي نقصان ٿيو آهي، جنهن جو هو سڄي زندگي ازالو نه ٿو ڪري سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*