ٿر ۾ ٻارڙا غذائي کوٽ جي ڪري نه پر ڪمزور پيدائش جي ڪري فوت ٿي رهيا آهن ڄام مهتاب ڏهر

صحت جي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو آهي ته ٿر ۾ ٻارڙا غذائي کوٽ جي ڪري نه پر ڪمزور پيدائش جي ڪري فوت ٿي رهيا آهن، ڊاڪٽرن جي کوٽ جلد ختم ڪئي ويندي.

صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر ۽ قانون واري صوبائي وزير سڪندر منڌرو مٺي جي سول اسپتال جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته ٿر ۾ ٻارڙا غذائي کوٽ نه پر ڪمزوري سبب فوت ٿي رهيا آهن.

ڄام مهتاب ڏهر چيو ته ٿر ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ جلد 450 ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا ويندا ۽ ميڊيڪل ڪئمپون به قائم ڪيون وينديون.

قانون جي صوبائي وزير سڪندر منڌرو چيو ته ڏڪار پاليسي بابت تجويز ڪيل دستاويزن جي کيس ڄاڻ ناهي، ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران تجويز ڪيل مسودي کي سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*