سموريون رڪاوٽون ختم ڪري اسلام آباد پهچنداسين عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سموريون رڪاوٽون ختم ڪري اسلام آباد پهچنداسين، جيڪڏهن حڪومت    کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته خراب حالتن جي ذميوار به پاڻ هوندي.

لاهور ۾ پـِي ٽـِي آءِ پنجاب جي اڳوڻي صدر ۽ باني ميمبر احسن رشيد جي جنازي نماز ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته محمد زبير کي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن تي الزام نه لڳائڻ گهرجن ها، محمد زبير اسد عمر جو ڀاءُ آهي پر ان نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين شپ لاءِ پنهنجو ضمير وڪيو آهي.

هن چيو ته هاڻي عوام آڏو حقيقتون پڌريون ڪيون وينديون ته حڪمرانن ڪيئن سرڪاري وسيلن جو بي رحماڻو استعمال ڪري رهيا آهن.

عمران خان چيو ته شريف خاندان پهريان سرڪاري وسيلن تي ڌانڌلي ڪندا آهن پوءِ انصاف جون ڳالهيون ڪندا آهن.

30 نومبر بابت جلسي جي جواب ۾ عمران خان چيو ته سموريون رڪاوٽون ختم ڪري اسلام آباد پهچنداسين، جيڪڏهن حڪومت    کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته خراب حالتن جي ذميوار به پاڻ هوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*