ٽنڊو آدم ۾ عورت جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

ٽنڊو آدم ۾ عورت پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته ٽنڊو آدم پوليس گهر تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو، جنهن دوران هڪ عورت جو حمل ضايع ٿي ويو آهي.

ٽنڊو آدم جي يونس نگر جي رهوسڻ عورت مسمات سڪينه پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ڦر ڪيس ۾ ملوث جوابدار علي نواز ڪوري جي گرفتار لاءِ پوليس سندن گهر تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو، جنهن دوران سندس ڀيڻ شڪيلا جو حمل ضايع ٿي ويو.

هن چيو ته ٽنڊو آدم پوليس معصوم ٻارڙن تي تشدد بعد بي گناهه ٽن نوجوانن کي کنڀي کڻي وئي آهي.

احتجاج ڪندڙ عورت مطالبو ڪيو ته بي گناهه گرفتار ڪيل ٽن ڄڻن کي فوري آزاد ڪري پوليس خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*