آسٽريلوي ٽيم جو نوجوان بيٽسمين فلپ هيوز زخمن جا سور نه سهندي زندگي جي جنگ هارائي ويو

آسٽريلوي ٽِيم جو نوجوان بيٽسمين فلپ هيوز زخمن جا سور نه سهندي اڄ سڊني جي سٽ ونسنٽ اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارايو ويو.

فلپ هيوز25 تاريخ تي سڊني  ۾ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي هڪ ميچ ۾نيوسائوٿ ويلز جي فاسٽ بالر شان ايبٽ جو بائونسر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي ايمرجنسي بنيادن تي اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي سندس مختلف ٽيسٽون ڪرڻ بعد آپريڪشن ڪيو ويو پر سندس حالت ۾ ڪابه بهتري نه آئي ۽ هو ڪوما ۾ هليو ويو.

بائونسر لڳڻ شرط کي 40 منٽن تائين گرائونڊ ۾ طبي امداد ڏئي وئي ،جنهن بعد کيس هليڪاپٽر ذريعي ويجهي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.

ڊاڪٽرن اسپتال ۾ سندس زندگي لاءِ 48   ڪلاڪن کي اهم قرار ڏنو هو.

نوجوان بيٽسمين آسٽريلوي ٽيم جي نمائندگي ڪندِي 26 ٽيسٽ ميچز ۾  ٽن سنچرين ۽ ست فيفٽن جي مدد سان 1535 رنز اسڪور ڪيون، جڏهن ته 26 ون ڊي ميچز ۾ ٽيم جي نمائدگي ڪندي ٻه سنچرين ۽ چار ففٽين جي مدد سان 826 رنز اسڪور ڪيون.

فلپ هيوز پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ٽِيسٽ ميچ 26 مارچ تي ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلاف کيڏي ،جڏهن ته ون ڊي ڪيريئر جي پهرين ميچ 11جون 2013 ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلاف کيڏي ڪري ڪئي.

25 تاريخ تي شيفلڊ شيلڊ جي هڪ ميچ ۾ کيس بائونسر لڳو، جنهن سبب کيس مٿي ۾ شديد ڌڪ رسيو ۽ هو بيهوش ٿي ويو.

فلپ هيوز  تازو گڏيل عرب امارتن ۾ قومي ٽيم جي خلاف هڪ ٽي –ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز ۾ ٽيم نمائندگي ڪئي.

ان کان پهرين انڊين ڪرڪيٽ ٽيم جو رامن لامبا ، پاڪستان جو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر عبدالعزيز، انگلينڊ جو الڪوان جينس۽ جارج سيمرز بال لڳڻ سبب وفات ڪري ويا هئا، جڏهن ته هڪ ميچ ايمپائر به بال لڳڻ سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*