يورپي يونين غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ مهيني اهم اجلاس

UN31-8

 يورپي يونين غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ مهيني اهم اجلاس سڏي ورتو آهي.

ڪالهه يورپي يونين پاران هڪ بيابن جاري ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ته غير قانوني طور تي ايندڙ ماڻهن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي جنهن تي 28 ملڪن جي گهرو وزيرن پاران 14 سپٽمبر تي هڪ اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي.

آسٽريا هنگري جي سرحد ويجهو ٽي ڏينهن اڳ  هڪ لاوارث ٽرڪ مان 71 پناهگيرن جا لاش مليا هئا.

گذريل مهيني هزارين غير قانوني پناهگيرن فرانس مان چينل ٽنل ذريعي برطانيه ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، فرانسيسي گهرو وزير برنرڊ ڪازنوف پنهنجي برطانوي هم منصب ٿريسا مي کي چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي سڪيورٽي، انساني اسمگلنگ ۽ ٻين ڏوهن ۽ ڳجهي طريقي سان ايندڙ پناهگيرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻطرفي سهڪار لاءِ معاهدو ڪندا.

يورپي يونين جي سرحدي ايجنسي فرنٽڪس جو چوڻ آهي ته هڪ مهيني دوران اتي ايندڙ پناهگيرن جو انگ هڪ لک تائين پهچي ويو آهي جيڪو 2008ع ۾ ان انهن پاران گڏ ڪيل انگن اکرن ۾ سڀ کان وڏو انگ آهي.

گڏيل قومن جي پناهگيرن واري ڪمشنر انيٽونيو گوٽريس چيو آهي ته يروپ جا ٻيا ملڪ هن بوجهه کي گڏجي کڻن ته جيئن رڳو ڪجهه ملڪن تي بار نه پوي، ڇاڪاڻ ته گهڻي وقت تائين رڳو جرمني ۽ سويڊن لاءِ گهڻن پناهگيرن کي سنڀالڻ مشڪل ٿي ويندو.

انگن اکرن موجب هلندڙ سال 2 لک 40 هزار ماڻهو رومي سمنڊ پار ڪيو ۽ ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ کان اڳ اٽلي ۽ يونان جي ساحلن تي پهتا، گذريل مهيني يورپي يونين ۾ شامل ملڪن اٽلي ۽ يونان ايندڙ 32 هزا ر پناهگيرن کي پاڻ وٽ پناهه ڏيڻ تي راضپو ڏيکاريو هو، پر برطانيه هن معاهدي کان ٻاهر آهي.،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،


	
					
						
					

								

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*