شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنل پيلمائرا ۾قديم عبادت گاهه جو هڪ ٻيو حصو ڪيرائي تباهه ڪري ڇڏيو

pelyamra31-8

 شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش  يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنل پيلمائرا ۾قديم عبادت گاهه جو هڪ ٻيو حصو ڪيرائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

 شام ۾ اکين ڏٺن شاهدن ۽ سرگرم ماڻهن جو چوڻ آهي ته  دولتِ اسلاميه يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنل پيلمائرا ۾ واقع بعل شمين جو هڪ ٻيو حصو ڪيرائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ هفتو پهريان شدت پسند تنظيم داعش پاران ڪجهه تصويرون جاري ڪيون ويون هيون جنهن ۾ اهو واضح طور تي ڏيکاريو ويو هو ته بعل شمين جو هڪ پاسو مڪمل طور تي تباهه هو.

 واضح رهي ته گذريل سال  شام داعش ۾ پيلمائرا تي قبضو ڪيو هو ان کي تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي ۽ وقتن به وقت ان کي تباهه ڪري ان جو تصويرون پڻ جاري ڪيون وينديون هنيون.

،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*