وزارت نه سنڀالڻ جي حوالي سان پنهنجو موقف پارٽي ۾ اٿاريو، هو خورشيد شاهه سميت انهن سمورن اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان; مير هزار خان بجاراڻي

mir-hazar-khan

صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي موقف جي حمايت ڪرڻ تي خورشيد شاهه جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته هن وزارت نه سنڀالڻ جي سببن کان پارٽي قيادت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

اهڙو اظهار هن ٺل ويجهو ڳڙهي حسن سرڪي ۾ مڪاني چونڊن بابت پارٽي اڳواڻن ۽ اتحادين جي گڏجاڻي بعد ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ڪيو.

مير هزار خان بجاراڻي جو چوڻ هو ته هن وزارت نه سنڀالڻ جي حوالي سان پنهنجو موقف پارٽي ۾ اٿاريو، هو خورشيد شاهه سميت انهن سمورن اڳواڻن جو ٿورائتو آهي، جن سندس موقف جي حمايت ڪئي.

صوبائي وزير چيو ته مڪاني چونڊن ۾ صوبائي سطح توڙي ضلعي سطح تي ڪنهن به ڌر سان اتحاد ٿي سگهي ٿو.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرپشن خلاف ڪارروايون سٺي ڳالهه آهي پر وفاقي ادارن کي اهڙو تاثر نه ڏيڻ گهرجي جنهن مان اهو سڄو معاملو شڪي بڻجي وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*