ڪوٽڙي پوليس سائيٽ واري علائقي ۾ ڇاپو، موٽر سائيڪل ڦر ڪندڙ گروهه گرفتار،موٽر سائيڪلون ۽ هٿيار هٿ

kotri map

ڪوٽڙي پوليس سائيٽ واري علائقي ۾ ڇاپو هڻي موٽر سائيڪل ڦر ڪندڙ گروهه جي چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري  ڦر ڪيل موٽر سائيڪلون ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب سائيٽ واري علائقي خدا جي بستي ۾ ڪارروائي ڪري موٽر سائيڪل ڦر ڪندڙ گروهه جي محمد علي چانڊيو، علي مردان چانڊيو، احمد بخش بليدي ۽ عمران بليدي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي ڄامشورو طارق ولايت جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدارن وٽان 6 ڦر ڪيل موٽر سائيڪلون، 4 ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن.

 ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته گرفتار جوابدار موٽر سائيڪلون ڦر ڪرڻ بعد انهن جا جعلي ڪاغذ تيار ڪري سنڌ جي مختلف شهرن وڪرو ڪندا هئا، جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*