امير حيدر شاهه قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي,گهرو وزير سهيل انور سيال,آمريڪا جي مدد سان تمام جلد ڪراچي ۾ هزارين ڳجهيون ڪئميرائون لڳايون وينديون; آءِ جي سنڌ

homeminsterig31-8

سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو  آهي ته وڪيل امير حيدر شاهه قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو آهي ته آمريڪا جي مدد سان تمام جلد ڪراچي ۾ هزارين ڳجهيون ڪئميرائون لڳايون وينديون، جنهن جي نگراني آمريڪا پاڻ ڪندو.

    سي ويو ڪراچي تي ساحل ٿاڻي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير سهل انور سيال چيو ته پوليس مان ڪارين رڍن کي نيڪالي ڏني ويندي ۽ پوليس کي بلٽ پروف جيڪيٽس فراهم ڪيون وينديون.

   هن چيو ته عوام کي هر سطح تي رليف فراهم ڪيو ويندو ، ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ شهر جو امن تباهه ڪرڻ جي سازش آهي  ۽ ٽريفڪ پوليس کي به هٿيار  ڏنا ويندا.

     گهرو وزير چيو ته رشيد گوڊيل حملي ڪيس ۾ ڪابه گرفتاري نه ٿي آهي ۽ سي سي ٽي وي فٽيجز مان به مدد نه ملي سگهي آهي.

    هن چيو ته  وڪيل امير حيدر شاهه قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن ۾ چوري جي موٽر سائيڪل استعمال ڪئي وئي.

   آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو ته آمريڪا جي مدد سان تمام جلد ڪراچي ۾ هزارين ڳجهيون ڪئميرائون لڳايون وينديون، جنهن جي نگراني آمريڪا پاڻ ڪندو.

    هن چيو ته  ڪراچي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جو ڪوبه واقعو  پيش نٿو اچي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*