سنڌ ۾ صحت کاتي جا حال هيڻا،اسپتالن ۾ ڊاڪٽرز جي کوٽ، دوائن اڻلڀ

hospital-sindh31-8

سنڌ ۾ صحت کاتي جا حال هيڻا آهن، سانگهڙ جي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرز ۽ سهولتن جي کوٽ برقرار آهي، جڏهن ته  حڪومتي جاچ ڪميٽي حيدرآباد جي اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ 300 ملازمن جي ڀرتين ۾ بيضابطگين بابت رپورٽ اينٽي ڪرپشن کي اماڻي ڇڏي آهي.

سانگهڙ جي اڇڙي ٿر سميت مختلف علائقن جي 5 لک آبادي لاءِ قائم سانگهڙ جي سرڪاري اسپتال ۾ 70 ڊاڪٽرز جون جايون خالي پيل آهن، جنهن سبب مريضن کي ڪير به پڇڻ وارو ناهي.

سول اسپتال لاءِ گائنا ڪالاجسٽ، چائلڊ اسپيشلسٽ، پيٿالاجسٽ، يورو لاجسٽ، اسڪن اسپيشلسٽ سميت ٻيا ماهر ڊاڪٽرز گذريل 10 سالن کان مقرر ناهن ٿي سگهيا.

ساليانو هڪ ڪروڙ 14 لک رپيا بجيٽ ملڻ باوجود اسپتال ۾ بيڊز، دوائن، سرنجز، توڙي ٻين سهولتن جي کوٽ به جيئن جو تيئن برقرار آهي.

سنڌ سرڪار جي قائم ڪيل جاچ ڪميٽي ميرپورخاص ۾ 300 ملازمن جي غيرقانوني طور ڀرتين ۽ حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ڏيڍ ڪروڙ رپين جون دوائون غيرقانوني طور خريد ڪرڻ واري معاملي ۾ بيضابطگين بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته ميرپورخاص ۾ غير قانوني طور ڀرتين ۾ ملوث عملدارن ۽ حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ دوائن جي غير قانوني طور خريداري ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*