آمريڪا ۽ سندس اتحادين جا عراق ۽ شام جي علائقن ۾ داعش خلاف هوائي حملا جاري رهندا نيٽو

شام ۽ عراق جي سرحدي علائقن ۾ شدت پسند تنظيم داعش ۽ حڪومتي فورسز وچ ۾ ڇتي ويڙهه جاري آهي جڏهن ته ترڪي پاران شام کي “ نو فلاءِ زون ” قرار ڏيڻ واري آڇ کي نيٽو قبول ڪرڻ کان کٿو جواب ڏئي ڇڏيو آهي،ٻئي پاسي روسي صدر ولاد مير پيوٽن شامي صدر بشارالاسد سان سهڪار جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

شام جي سرحدي علائقي ڪوباني ۾ شامي فورسز ۽ ويڙهاڪن وچ ۾ ڇتي ويڙهه جاري آهي جنهن جون سوشل ميڊيا تي مختلف وڊيوز به جاري ڪيون ويون آهن.

ترڪي جو چوڻ آهي ته امريڪا ۽ سندس اتحادي شام کي نو فلاءِ زون قرار ڏئي ته پوءِ سندن داعش خلاف ويڙهه ۾ مڪمل سهڪار ڏنو ويندو.

انهيءَ آڇ کي نيٽو پاران رد ڪندي چيو ويو آهي ته امريڪا ۽ سندس اتحادين جا عراق ۽ شام جي علائقن ۾ داعش خلاف هوائي حملا جاري رهندا.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*