حيدرآباد جي اناج منڊي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،3 ڄڻا مرڻينگ

  hyd31-8

    حيدرآباد جي اناج منڊي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مرڻينگ ٿي پيا، دڪاندارن ڪاروبار بند ڪندي چيو آهي ته 3ڄڻا جهيڙي سبب نه پرسخي پير پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيا آهن.

   حيدر آباد پوليس جو چوڻ آهي ته  اناج منڊي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،جن مان هڪ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

        اناج منڊي جي دڪاندارن  احتجاج طور ڪاروبار بند ڪندي چيو آهي ته 3ڄڻا جهيڙي سبب نه پر نشي ۾ڌت  سخي پير  پوليس جي اهلڪارن جي  فائرنگ ۾ زخمي ٿيا آهن.

       دڪاندارن پوليس خلاف نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته فائرنگ ڪندڙ اهلڪارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*