زرداري هڪ دفعو ٻيهر نواز کان ڪاوڙجي پيو،نواز سرڪار ٻيهر 1990 واري سياست شروع ڪئي آهي ;زرداري

zardari31-8

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته نواز سرڪار ٻيهر 1990 واري سياست شروع ڪئي آهي، سنڌ کي وزيراعظم هائوس جي حڪمن تحت مفلوج بڻايو ويو آهي، پهرين قاسم ضياءَ، پوءِ سينيٽر بنگش جي پٽ ۽ هاڻي ڊاڪٽر عاصم کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پيپلزپارٽي جي اڳواڻن خلاف انتقامي ڪارروائين جا ڀوائتا نتيجا نڪرندا.

لنڊن مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ آصف زرداري چيو آهي ته ماڊل ٽائون ۾ 14 ڄڻن کي قتل ڪندڙ ڇا دهشتگرد نه آهن؟، جسٽس نجفي ڪميشن جي رپورٽ کي پڌرو ڪري ذميوارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

آصف زرداري بيان ۾ چيو آهي ته شريف ڀائرن لاءِ پئسا وٺندڙ صوبائي وزير راڻا مشهود کي گرفتار ڇو نه پيو ڪيو وڃي، ماجسٽريٽ آڏو مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪندڙ وفاقي وزير خلاف ڪارروائي ڇو نه پئي ڪئي وڃي.

آصف زرداري جو چوڻ آهي ته اليڪشن ٽربيونلز جي فيصلن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڪهڙي طرح نوازليگ کي عام چونڊن ۾ کٽرايو ويو.

اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي قدمن مان لڳي رهيو آهي ته اها دهشتگردي خلاف قوم جي اتحاد کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجي فطري اتحادي طالبان کي بچائڻ چاهي ٿو.

آصف زرداري چيو ته احتساب ڪرڻو آهي ته پهرين ان وفاقي وزير جو احتساب ڪيو وڃي جنهن ماجسٽريٽ سامهون شريف ڀائرن جي لاءِ مني لانڊرنگ جو اعترافي بيان ڏنو هو، جنهن به خبر پئجي ويندي ته نواز ليگ قيادت ڪيتري پارسا آهي.

آصف زرداري چيو ته وزيراعظم هائوس جي حڪمن تحت کي سنڌ کي مفلوج بڻايو ويو آهي، شريف ڀائرن انتقامي سياست کي ختم نه ڪيو ته ان جا نتيجا ڀيانڪ هوندا، جنهن جي ذميواري نواز سرڪار تي هوندي.

هن چيو ته ماڊل ٽائون سانحي جي ذميوارن ۾ هٿ وڌو وڃي ۽ جسٽس نجفي ڪميشن جي رپورٽ پڌري ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

آصف زرداري چيو ته اصغر خان ڪيس ۾ هٿ ڇو نه پيو وڌو وڃي، رڳو مخالفن خلاف ڪارروايون ڇو پيون ڪيون وڃن.

آصف زرداري چيو ته پهرين قاسم ضياءَ پوءِ سينيٽر بنگش جي پٽ ۽ هاڻي ڊاڪٽر عاصم کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيللاني ۽ اسان جي بيمار اڳواڻ مخدوم امين فهيم جا به وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

آصف زرداري چيو ته هڪ طرف فوج دشمن خلاف جنگ ۾ مصروف آهي ته ٻئي طرف نواز سرڪار پنهنجي اتحادي طالبان کي بچائڻ لاءِ قوم کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*