ڪراچي جي مختلف مدرسن مان هٿ آيل باجوڙ واسي ٻارڙين مان ڇهن کي والدين واپس انتظاميه حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي مختلف مدرسن مان  هٿ آيل  باجوڙ واسي ٻارڙين مان  ڇهن  کي والدين واپس انتظاميه حوالي ڪري ڇڏيو ، جڏهن ته 36 مان 35 ٻارڙين کي شانتي ننگر ۾ سماجي ڀلائي     واري کاتي جي  شيلٽر هوم منتقل ڪيو   ويو ، وڏي وزير چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ٻارڙين جي معاملي تي سياست ڪري رهيا آهن.

ڪورنگي ڪراسنگ، لياقت آباد ۽ جمشيد ٽائون مان هٿ آيل ٻارڙين مان 35 ٻارڙين کي سماجي ڀلائي کاتي حوالي ڪيو ويو، جن بعد کين  شانتي نگر ۾ قائم شيلٽر هوم  منتقل ڪيو ويو آهي.

هٿ آيل ٻارڙين مان هڪ کي والدين رحيم يار وٺي ويا آهن.

سماجي ڀلائي واري کاتي جي ڊائريڪٽر محمد ادريس جو چوڻ آهي ته ٻارڙين کي والدين حوالي ڪيو ويندو، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ آهي ته ٻارڙين کي  باجوڙ جي پوليٽيڪل ايجنٽ حوالي ڪيو ويندو.

وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ٻاررين کي هٿ ڪرڻ تي  پوليس جي همت افزائي ڪرڻ بدران ٻارڙين جي معاملي تي سياست ڪري رهيا آهن.

باجوڙ ايجنسي جي سالار زئي واري علائقي مان نينگرين کي مدرسي جي انتظاميا حوالي ڪرڻ جي الزام هيٺ مولوي سميع الله سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻارڙين جي معاملي تي باجوڙ ۾ هڪ جرڳو ٿيو آهي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ٻارڙين کي واپس مدرسي حوالي ڪيو وڃي.

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*