ڀارت سميت سڀني پاڙيسري ملڪن سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهيون ٿا پرڏيهي ترجمان

پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي، ڀارت سميت سموري پاڙيسري ملڪن سان برابري جي بنياد تي بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم چيو ته پاڪستان سارڪ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو، اهو ئي پيغام سارڪ ڪانفرنس ۾ به ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته ڀارتي ميڊيا جي واويلا سان پاڪستان اڪيلو نٿو ٿي سگهي، اهڙيون ڳالهيون ڪندڙ غلط آهن.

پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان، ڀارت سميت سموري پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو پر اهي برابري جي بنياد تي ئي ممڪن آهن.

تسنيم اسلم وڌيڪ چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مخالفت ڪري ٿو ۽ خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي.

پرڏيهي ترجمان ڊرون حملن جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان هن وقت دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڊرون حملن جو ڪو به جواز ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*