دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ زهره شاهد ڪيس جي ٻڌڻي دوران حتمي چالان پيش ڪيو ويو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ زهره شاهد ڪيس جي ٻڌڻي دوران حتمي چالان پيش ڪيو ويو، جڏهن ته 4 مفرور جوابدارن جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ زهرا شاهد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جاچ آفيسر پاران حتمي چالان پيش ڪيو ويو.

زهرهه شاهد ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن زاهد عباس ۽ راشد خلاف 10 ڊسمبر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، جڏهن ته عدالت ساڳي ڪيس ۾ 4 مفرور جوابدارن جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي..

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*