سارڪ ڪانفرنس دوران وزيراعظم نواز شريف ۽ ڀارتي هم منصب نريندر مودي وچ ۾ غير رسمي ملاقات ٿي

 سارڪ سربراهي ڪانفرنس دوران وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڀارتي هم منصب نريندر مودي وچ ۾ غيرسمي ملاقات ٿي آهي، ڀارتي ميڊيا موجب ٻنهي اڳواڻن مختصر ملاقات دوران هڪٻئي کان خيريت معلوم ڪئي آهي.

نيپال جي وزيراعظم پاران سارڪ ڪانفرنس جي سربراهن جي مان ۾ نيپال جي پهاڙن تي قائم هوٽل ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جتي وزيراعظم نواز شريف ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي ۾ غير رسمي ملاقات ٿي.

ڀارتي ميڊيا موجب ٻنهي اڳواڻن مختصر ملاقات دوران هڪٻئي سان  هٿ ملايو ۽ خيريت معلوم ڪئي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن سارڪ سربراهي ڪانفرنس جي سيشن دوران وزيراعظم نواز شريف ۽ نريندر مودي هڪٻئي سان هٿ به نه ملايو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*