ڪوئيٽا ۾ گذريل ڏينهن پوليو ٽيم تي ٿيل حملو پوليس جي ڪوتاهي جو نتيجو آهي آءِ جي بلوچستان

ڪوئٽيا ۾ گذريل ڏينهن پوليو ٽيم تي ٿيل حملي ۾ آءِ جي بلوچستان ڊي ايس پي سرياب ۽ ايس ايڇ او سرياب کي هٽائي ڇڏيو آهي.

آءِ جي بلوچستان پوليو ٽيم تي گذريل ڏينهن ٿيل حملي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حملو ڊي ايس پي شفقت جنجوعه ۽ ايس ايڇ او نور بخش مينگل جي ڪوتاهي سبب ٿيو، تنهنڪري ٻنهي آفيسرن کي هٽايو پيو وڃي.

آءِ جي بلوچستان جو چوڻ آهي ته پوليو ٽيم تي حملو پوليس جو ڪوتاهي جو نتيجو آهي ۽ جيئن ته پوليس ٽيم کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي تنهنڪري اهو حملو ٿيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*