سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس دوران آبپاشي کاتي ۾ ٿيل بي قائدگين جو جائزو ورتو ويو

سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس دوران آبپاشي کاتي ۾ هڪ ارب، 6 ڪروڙ ۽ 98 لک رپين جي بي قائدگين جو جائزو وٺڻ بعد وڌيڪ جاچ لاءِ معاملو سب ڪميٽي حوالي ڪيو ويو، اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته هڪ آبپاشي ايڪسين جي گهر جي ديوار تي هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا آهن.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سليم رضا جلباڻي جي صدارت هيٺ ٿيو،جنهن دوران آبپاشي کاتي ۾ هڪ ارب، 6 ڪروڙ ۽ 98 لک رپين جي بي قائدگين جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس دوران  ٻڌايو ويو ته ايل بي او ڊي، آر بي اوڊي ۽ ٻين اسڪيمن ۾ وڏي پئماني تي بي قائدگيون ڪيون.

اجلاس دوران ايم ڊي آڊٽ ٻڌايو ته آبپاشي کاتي  ۾ واڻين جو دڪان سمجي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا، جنهن تي هڪ ميمبر نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته واڻين جي هٽ تي به سسٽم هوندو آهي، هي سرڪاري کاتو آهي.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سن ويجهو آبپاشي کاتي جي هڪ ايڪسين جي گهر جي ديوار تي هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ، جنهن تي سردار شاهه چيو ته اها گهر جي ڀت هئي يا قلعي جي ديوار هئي.

پبلڪ اڪائونٽس  ڪميٽي آبپاشي کاتي ۾  بي قائدگين جو جائزو وٺڻ بعد وڌيڪ جاچ لاءِ معاملو سب ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*