قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي پئي

قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي، متحده ميمبر آصف حسنين جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جو هال نيشنل هاءِ وي جهڙو آهي، شرم جي ڳالهه آهي ته ڌاڙيل به حقن لاءِ احتجاج ڪن پيا، پ پ ايم اين اي ستار بچاڻي جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم کي ڪنٽينر ۾ هٿيار فراهم ڪرڻ وارا وڻندا آهن، وڏي وزير کي ڪرپٽ ڪوٺيندڙ ٻڌائين ته گورنر تي ڪيترا ڪيس آهن؟.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس ۾ متحده جي ميمبر آصف حسنين  چيو ته سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم 10 سالن لاءِ هو پر اهو اڃا تائين قائم آهي،  ٻڌايو وڃي ته ڇا اڄ به تعليم جي صورتحال ساڳي آهي.

آصف حسنين چيو ته سنڌ ۾ امن جي  امان جي صورتحال خراب آهي، ٽارگيٽ ڪلنگ  اغوا جون وارداتون جاري آهن، جڏهن ته ٿر جي صورتحال ۾ به اڃا تائين بهتري ناهي اچي سگهي، اهو صوبائي نه پر انساني معاملو آهي.

متحده ميمبر چيو ته سنڌ حڪومت کي ڪرپٽ چيو ويو پر وري ساڳ ئي شخص کي وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ نوڪريون پئسن تي ڏنيون پيون وڃن، شرم جوڳي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل به پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪن پيا.

پ پ ايم اين اي ستار بچاڻي متحده ميمبر جي تقرير جو جواب ڏيندي چيو ته وڏو وزير ڪرپٽ آهي ته پوءِ سنڌ جو گورنر ڇو ويٺل آهي، ان تي ڪيترا ڪيس آهن، ايم ڪيو ايم کي ڪنٽينر ۾ هٿيار کپن، پرويز مشرف، پنهنجي دور ۾ متحده جي دهشتگردن کي آزاد ڪيو،  اهي هاڻي ن ليگ کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن.

ستار بچاڻي جي تقرير تي متحده ميمبر اٿي بيهي رهيا، جنهن بعد پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

اجلاس ۾ فاٽا جي ايم اين اي شاهجهان ڪراچي پهتل نينگرين جي معاملي تي سنڌ سرڪار خلاف واڪ آئوٽ ڪيو.

ان کان اڳ وفاقي حڪومت، قومي اسيمبلي کي آگاهي ڏني آهي ته اين ايف سي جي معاملي تي سنڌ حڪومت جي ڪا به شڪايت ناهي، سنڌ کي اين ايف سي جي مد ۾ 80 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جاري ڪئي وئي آهي، وفاق آدم شماري لاءِ به تيار آهي پر ان حوالي سان صوبن کي تياري ڪرڻي پوندي.

اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرز مزمل قريشي، ايس اقبال قادري ۽ رشيد گوڊيل  چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڪراچي ۾ ٽيڪس اوڳاڙي ڪئي پئي وڃي پر ڪراچي کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.

ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري راڻا افضل ايوان کي آگاهي ڏني ته ڪراچي مان سڄي ملڪ جي ٽيڪس اوڳاڙي ڪئي ويندي آهي، اها ٽيڪس رڳو ڪراچي جي ناهي هوندي، ناڻي واري سيڪريٽري جي بيان تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ميمبرز احتجاج ڪيو، جنهن بعد هن بيان واپس ورتو.

 ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري چيو ته سنڌ کي جولاءِ کان آڪٽوبر 2014 تائين اين ايف سي جي مد ۾ 89 ارب 80 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، لياري ايڪسپريس وي لاءِ پڻ سنڌ حڪومت کي 80 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا.

ايوان ۾ متحده ميمبرز اهو پڻ چيو ته آدمشماري ملڪ جو انتهائي اهم مسئلو آهي پر هـِن وقت تائين آدم شماري جي حوالي سان ڪا به تيار ناهي ڪئي.

ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري جواب ۾ چيو ته وفاقي حڪومت، آدمشماري ڪرائڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، اهو هاڻي صوبن جو معاملو آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي گذريل اجلاس ۾ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جا اعتراض هئا، آدمشماري بابت وفاق جو ڪو مسئلو ناهي.

ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري جو چوڻ هو ته وفاق آدم شماري لاءِ 13 ارب رپيا رکي ڇڏيا آهن، شماريت بيورو کي رڳو 8 مهينا ٽريننگ لاءِ گهربل آهن، سي سي آءِ جي ايندڙ اجلاس ۾ اهو معاملو اٿاريو ويندو.

اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث بعد ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*