جسمم اڳواڻ جو لاش هٿ اچڻ جي رد عمل ۾ سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد رستن تي نڪري آيا پوليس ڪارروائي دوران 3 شاگرد زخمي ٿي پيا

باقراڻي ڀرسان جساف جسمم اڳواڻ آصف پنهور جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي خلاف جساف جسمم جي سڏ تي گولاڙچي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن جي احتجاج ۽ هاسٽلز تي پوليس چڙهائي کانپوءِ تدريسي عمل معطل آهي.

باقراڻي تعلقي جي هٽڙي غلام شاهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير خان جتوئي ٻاهران هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ جسمم اڳواڻ آصف پنهور طور ڪئي وئي.

مقتول نوجوان سنڌ يونيورسٽي ۾ جساف جسمم جو جنرل سيڪريٽري هو، جيڪو 15 آگسٽ کان پراسرار نموني گم هو.

مقتول اڳواڻ جو لاش لاش حيدرآباد جي سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد گولاڙچي پهچايو ويو آهي.

جسمم اڳواڻ جو لاش هٿ اچڻ بعد سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد رد عمل طور رستن تي نڪري آيا، جن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ بعد پوليس ۽ رينجرز هاسٽلز تي چڙهائي ڪري ڪيترن ئي شاگردن کي کنڀي وئي.

پوليس جي ڪارروائي دوران 3 شاگرد زخمي به ٿي پيا، جڏهن ته پوليس ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو.

واقعي خلاف گولاڙچي شهر ۾ جساف جسمم جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل معطل آهي ۽ پوائنٽس به ناهن هليون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*