عمران خان ڌانڌلين بابت ثبوت عدالت ۾ پيش ڪري پرويز رشيد

سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد، عمران خان جي اليڪشن ٽربيونل آڏو پيش ٿيڻ کي سٺو قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه ڌانڌلين بابت ثبوت عدالت ۾ پيش ڪري ، اميد آهي ته عمران خان هاڻي پنهنجي ڳالهه تان يوٽرن نه وٺندو.

اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني آهي ۽ شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو آهي.

هن چيو ته عمران خان ڪالهه اليڪشن ٽربيونل ۾ پيش ٿي سٺو قدم کنيو، عمران خان جي رويي ۾ مثبت تبديلي آئي آهي.

پرويز رشيد چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته حڪومت ڌانڌلين جي ثبوتن کي تسليم ڪري، جيڪڏهن عمران خان وٽ ڌانڌلين جا ثبوت آهن ته عدالت ۾ پيش ٿئي.

وفاقي وزير وڌيڪ اميد ظاهر ڪئي ته عمران خان جي رويي ۾ هاڻي تبديلي نه ايندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*