فلپ هيوز ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ بال لڳڻ سبب فوت ٿيندڙ ستون رانديگر

فلپ هيوز ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ بال لڳڻ سبب فوت ٿيندڙ دنيا جو ستون رانديگر آهي، ان کان پهرين ڇهه ڪرڪيٽر ۽ هڪ ايمپائر بال لڳڻ سبب وفات ڪري چڪا آهن.

ڪرڪيٽ راند کي ايئن ته جينٽلمين  جي راند چيو ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن هي گيم خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويندي آهي.

فلپ هيوز کان پهرين ڇهه ڪرڪيٽر بال لڳڻ سبب جان وڃائي چڪا آهن، جن ۾ ٻه پاڪستاني ڪرڪيٽر شامل آهن.

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو بيٽسيمن رامن لامبا 1998 ۾ڍاڪا ۾ ڪلب ڪرڪيٽ جي هڪ ميچ ۾ فيلڊنگ ڪرڻ دوران بال مٿي ۾ لڳڻ سبب وفات ڪري ويوهو.

17 ڊسمبر 2013 ۾ 22 ورهين جو پاڪستاني ڪرڪيٽر ذوالفقار ڀٽي سيني تي بال لڳڻ سبب زندگي جي جنگ هارائي ويٺو.

1959۾ 17 ورهين جي پاڪستاني ڪرڪيٽر عبدلعزيز به سيني تي بال لڳڻ سبب زندگي جي جنگ وڃائي ويٺو.

گذريل سال انگلش پليئر آيان فولي ۽ جارج اسمر جڏهن ته ايمپائر ايلڪون جينڪز به بال لڳڻ سبب موت جي منهن ۾ هليو ويو.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*