رتيديري ويجهو مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

رتيديري ويجهو مغوي کي بازياب ڪرائڻ واري مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ جيڪب آباد  جي علائقي  دودا پور جي رهواسي طور ڪئي وئي آهي.

رات دير سان رتيديري جي اسٽيڊم محلي ۾ مقابلي دوران هڱورجا واسي سليم شيخ کي بازياب ڪرائي ڪُوڙو خان ٻرڙو کي زخمي حالت ۾ پڪڙيو ويو هو.

پوليس موجب زخمي ٿيل جوابدار کي لاڙڪاڻي جي هڪ اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو هو ، جتي  هو زخمن  جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

مارجي ويل جوابدر جي سڃاڻپ ڪوڙل خان ٻرڙو دودا پور جي ضلعي جيڪب آباد جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي.

مقابلي دوران هڱورجا واسي سليم شيخ کي بازياب ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو آهي جتان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*