سپريم ڪورٽ راجا بازار سانحي جي جوابدارن جون ضمانتون رد ڪرڻ بابت وفاق جي درخواست تي ڪيس جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ، راجا بازار سانحي جي جوابدارن جون ضماتون رد ڪرڻ بابت وفاق جي درخواست تي ڪيس جو سمورو رڪارڊ 10 ڏينهن اندر طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ راولپنڊي ۾ پيش آيل راجا بازار سانحي جي جوابدارن جي ضمانت رد ٿيڻ بابت وفاق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

وفاق جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جوابدارن جون ضماتون  منظور ڪيون آهن، عدالت کي استدعا آهي ته جوابدارن جي ضمانت رد ڪئي وڃي.

جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏيندي چيو ته ضمانت منظور ٿيڻ جو مقصد ڪيس جو حتمي فيصلو ناهي هوندو، جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي.

جسٽس جواد ايس رمارڪس ۾ چيو ته ايترو وقت گذري ويو آهي، ڪيس جو ٽرائل مڪمل ٿيڻ گهرجي ها، پراسڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ٽرائل مڪمل ٿيڻ وارو آهي.

عدالت، وفاق جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم نامو، ڪيس جو چالان ۽ ٻيا دستاويز طلب ڪندي ٻڌڻي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته راولپنڊي جي راجا بازار ۾ 2 سال اڳ مذهبي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ 40 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*