احتجاج ڪندڙقومي اسيمبلي جا ملازم پنهنجي لاءِ کڏ کوٽي رهيا آهن اياز صادق

قومي اسيمبلي جي ملازمن پاران مقررين ۽ قاعدن ۾ تبديلي خلاف اسپيڪر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ آهي ته احتجاج ڪندڙ ملازمن پنهنجي لاءِ کڏ کوٽي رهيا آهن.

قومي اسيمبلي جي ملازمن اسپيڪر پاران مقررين ۽ قاعدن ۾ ڪيل تبديلين خلاف اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جي چيمبر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ اسپيڪر خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ ملازمن جو چوڻ آهي ته اسپيڪر بنا ڪنهن جواز جي قاعدن ۽ مقررين ۾ تبديلي ڪئي آهي، جنهن سان هو پنهنجي ماڻهن کي نوازي رهيو آهي.

ملازمن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي مقرين ۽ قاعدن ۾ ڪيل تبديلي واپس ورتي وڃي.

قومي اسيمبلي جي ملازمن اسپيڪر آڏو پنهنجو موقف رکڻ بعد کيس اپيل ڪئي ته اڄوڪي اجلاس ۾ سندن معاملو اٿاريو وڃي.

هوڏانهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر  اياز صادق جو چوڻ آهي ته ملازمن جي احتجاج جو ڪو جواز ناهي، ملازم پنهنجي لاءِ کڏ کوٽي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*