تنگواڻي ويجهو بيمار ٻارڙي اسپتال نه پهچڻ ڪري رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو ڳوٺاڻي جو ڪي ٽي اين نيوز آفيس آڏو احتجاج

تنگواڻي ويجهو بيمار ٻارڙي کي علاج لاءِ کڻي ويندڙ ڳوٺاڻي کي ڍل نه ڏيڻ تان گرفتار ڪيو ويو، جنهن دوران ٻارڙي رستي ۾ فوت ٿي وئي، ڳوٺاڻي لاش سميت احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جي گهر ڪئي آهي.

ڳوٺ شاهنواز سندراڻي جو رهواسي پورهيت جهنور سندراڻي پنهنجي بيمار ٻارڙي  کي اسپتال کڻي وڃي رهيو هو تپيدار کيس روڪي ڍل نه ڏيڻ تان پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پورهيت جي گرفتاري سبب ٻارڙي  وقت سر اسپتال نه پهچڻ ڪري رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

ڳوٺاڻي ٻارڙي جو لاش کڻي ڪي ٽي اين نيوز جي آفيس پهچي احتجاجي مظاهور ڪري انصاف جي اپيل ڪئي  آهي.

پورهيت جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي بيمار ٻارڙي کي اسپتال کڻائي پئي ويو ته تپيدار کيس روڪي ڍل وصول ڪئي، جيڪا نه ڏيڻ ڪري هن کي گرفتار ڪيو ويو.

هن چيو ته سندس گرفتاري سبب ٻارڙي وقت سر اسپتال نه پهچڻ ڪري دم ڏنوآهي، راشي تپيدار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*