ڪراچي جي عدالت مختلف علائقن مان بازياب ڪرايل 35 ٻارڙين کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي جي هڪ عدالت مختلف علائقن مان بازياب ڪرايل 35 ٻارڙين کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻارڙين کي باندي بڻائڻ جي الزام هيٺ گرفتار 3 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي، جڏهن ته ڪورنگي ڪراسنگ ويجهو بازياب ڪرايل 3 نينگرين کي عدالت دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڪراچي پوليس ٻارڙين کي باندي بڻائي رکڻ جي الزام  هيٺ گرفتار  عورت حميده بي بي، ايوب صديقي ۽ عمران کي جوڊيشل مئجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت ۾ رمانڊلاءِ  پيش ڪيو.

عدالت  جوابدارن جو رمانڊ ڏيڻ بدران  نينگرين کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٽن جوابدارن جي هڪ هڪ لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

ڪورنگي ڪراسنگ ويجهو بازياب ڪرايل ٽن نينگرين کي  جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت بيان ٻڌڻ بعد نينگرين کي دارالامان ۽ نينگرين کي قيد ۾ رکڻ جي الزام هيٺ ٻن عورتن سلطانه ۽ حميده رحمان کي جيل موڪڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*