ايم ڪيو ايم پير مظهرالحق خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

متحدهه قومي موومينٽ پير مظهر الحق جي حيدر آباد ۾ يونيورسٽي نه ٺاهڻ  واري بيان خلاف ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميش جي اختيارن بابت سنڌ اسيمبلي ۾ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

متحده قومي موومينٽ جي سيد سردار احمد ۽ ٻين ميمبرن پاران سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايل التوا واري رٿ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پير مظهر جو بيان تعصب تي ٻڌل آهي ۽ پير مظهر اهڙو بيان ڏئي ثابت ڪيو آهي ته هو سنڌ جي ورهاست چاهي ٿو.

متحده  جي ميمبرن  پاران جمع ڪرائي رٿ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيارن ۽ ان اداري بابت سندن اعتراضن کي به شامل ڪيو ويو آهي.

رٿ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ايندڙ  اجلاس  ۾ التوا واري رٿ تي بحث ڪيو وڃي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*