لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي 30 نومبر واري جلسي کي روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ، تحريڪ انصاف جي 30 نومبر تي اسلام  آباد ۾ رٿيل جلسي کي روڪڻ واري درخوست رد ڪري ڇڏي آهي،  جسٽس خالد محمود ريمارڪس ۾ چيو آهي ته عدالتن کي سياسي معاملن ۾ نه گهليو وڃي، عدالت انتظامي  معاملن ۾ مداخلت ناهي ڪندي، جيڪڏهن عدالت روڪڻ جو حڪم جاري ڪندي ته حڪومت وري انتظامي اختيار استعمال ڪندي جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏيندي.

جسٽس خالد محمود جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي  فـُل بينچ تحريڪ انصاف جو 30 نومبر وارو جلسو روڪڻ بابت ايم مجاهد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل اي ڪـَي ڊوگر دليل ڏيندي چيو ته 30 نومبر تي جلسي جي اجازت ڏيڻ سان ڏڦير ٿيندو  ۽ ڇڪتاڻ جو خدشو آهي، ان ڪري جلسي کي روڪيو وڃي.

جسٽس خالد محمود ريمارڪس ڏنا ته حڪومت پاڻ جلسو روڪڻ نٿي چاهي، ان ڪري حڪومت اجازت ڏني آهي، جيڪڏهن عدالت حڪم جاري ڪندي ته حڪومت انتظامي اختيار استعمال ڪندي  جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏيندي.

جسٽس خالد محمود ريمارڪس ۾ چيو ته مسئلو پيدا ٿيو آهي پر حڪومت کي نظر نه اچي رهيو آهي، حڪومت کي گهرجي ته ڌرڻن خلاف ٺهراءُ آڻڻ گهرجي.

عدالت، تحريڪ انصاف جي جلسي خلاف درخواست رد ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*