پهرين ڊسمبر کان اڳ چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ ڪنهن نالي جو اعلان ڪيو ويندو خورشيد شاهه

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته  پهرين ڊسمبر کان اڳ چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ ڪنهن نالي جو اعلان ڪيو ويندو،  تحريڪ انصاف کانسواءِ سمورين پارٽيون اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جي نالي تي اتفاق ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ اتفاق ناهي ٿي سگهيو، ان سلسلي ۾ اڄ وزيراعظم نواز شريف سان ٻيهر رابطو ڪيو ويندو.

هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميواري آهي، سندن ڪوشش آهي ته پهرين ڊسمبر کان اڳ چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ ڪنهن نالي جو اعلان ڪيو وڃي.

خورشيد شاهه چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ اتفاق ٿي ويو هو پر ان شخصيتن جي انڪار سبب مقرري ناهي ٿي سگهي، هو ڪنهن فرشتي کي چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر نٿا ڪري سگهن، جيڪي ماڻهو موجود آهن، انهن مان ئي ڪنهن هڪ کي مقرر ڪرڻو پوندو.

اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف کانسواءِ سمورين پارٽين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس، تصدق حسين جيلاني جي نالي تي اتفاق ڪيو هو.

هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ عمران خان جو نالو هـُن ڏنو هو پر جيڪڏهن پي ٽي آءِ سربراهه کي چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرڻو آهي ته آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي.

هن چيو ته سياستدانن کي حڪومت سان ويڙهه ڪرڻ گهرجي، سياست سان ويڙهه سٺي ناهي، 30 نومبر تي ڪجهه ٿيندو يا نه اها حڪومت جي ذميواري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*