سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان ڀرتين جا اختيار واپس نه ورتا ويندا قائم علي شاهه

 سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان 17هين ۽ ان کان مٿين گريڊن  ۾ ڀرتين جا اختيار واپس نه ورتا ويا آهن.

وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 16 هين گريڊ تائين ڀرتيون لاڳاپيل کاتا ڪميشن ذريعي ڪندا.

هن چيو ته جيڪي به ڀرتيون ڪيون وينديون اهي ميرٽ تحت ئي ڪيون وينديون.

 واضح رهي ته ٻه ڏينهن وڏي وزير پاران هڪ سمري منظوري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ 17 هين ۽ ان کان مٿين گريڊ ۾ ڀرتين جا اختيار وڏي وزير کي ڏنا ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*