عمران خان شيشي جي گهر ۾ ويهي ٻين تي پٿر نه هڻي پرويز رشيد

وفاقي سرڪار، شريف ڀائرن پاران ادا ڪيل ٽيڪسز ۽ عمران خان جي ملڪيتن جا تفصيل ميڊيا آڏو پيش ڪري ڇڏيا آهن،  اطلاعات واري وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان شيشي جي گهر ۾ ويهي ٻين تي پٿر نه هڻي، عاليشان گهرن ۾ رهندڙ عمران خان 2013 کان هن وقت تائين صرف هڪ لک رپين کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪيو ۽ زرعي ٽيڪس کان بچڻ لاءِ پاڻ کي قرضي ظاهر ڪيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته 2007 کان اڳ نواز شريف کي جبري طور جلا وطن ڪيو ويو هو،ڏيهه واپسي تي نواز شريف ٽيڪس ادا ڪيو.

هن چيو ته نواز شريف جي شوگر مل 2014 کان 2015 تائين 2 ارب 44 ڪروڙ 70 لک، 70 هزار پنج سئو 43 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو.

پرويز رشيد چيو ته نواز شريف هلندڙ سال 47 لک کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪيو پر ٻين تي تنقيد ڪندڙ عمران خان 2013 کان 2014 تائين رڳو هڪ لک کان وڌيڪ ٽيڪس ڏنو.

وفاقي وزير چيو ته نواز شريف انڪم ٽيڪس ادا ڪرڻ سان گڏ زرعي ٽيڪس به ادا ڪندو آهي، نواز شريف ذاتي طور 3 ڪروڙ 23 لک ٽيڪس ادا ڪيو ، عمران خان پنهنجي زرعي آمدني 23 لک 5 هزار ظاهر ڪئي پر ٽيڪس کان بچڻ لاءِ پاڻ کي پنج لک رپين جو قرضي ظاهر ڪيو.

پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته عمران خان ٻين کي پرڏيهه ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ تي تنقيد ڪندو آهي پر پاڻ پرڏيهي ملڪ ۾ خدمتن عيوض 84 لک 45 هزار 430 رپيا حاصل ڪيا.

پرويز رشيد چيو ته عمران خان پاڻ شيشي جي گهر ۾ ويهي ٻين تي پٿر هڻندو آهي، عمران خان وٽ ڪيتريون ئي بلٽ پروف گاڏيون آهن پر پيٽرول جهانگير ترين جي پيٽرول پمپس مان ڀرائيندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*