کنڀي گم ڪيل جسقم اڳواڻ وحيد لاشاري جو ڪراچي مان لاش هٿ اچڻ واري واقعي خلاف ڪارڪنن جا مختلف شهرن ۾ مظاهرا

وارهه مان کنڀي گم ڪيل جسقم اڳواڻ وحيد لاشاري جو گذريل ڏينهن ڪراچي مان لاش هٿ اچڻ بعد مڙهه ڪراچي کان وارهه  نيو پيو وڃي، واقعي خلاف ڪارڪنن مختلف  شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن.

هڪ مهينو اڳ وارهه مان کنڀي گم ڪيل جسقم اڳواڻ وحيد لاشاري جو گذريل ڏينهن ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي مان لاش هٿ ڪيو ويو هو.

پوليس لاش  ضروري ڪارروائي بعد ايڌي سرد خاني منتقل ڪيو هو، جتان مڙهه اڄ وارهه نيو پيو وڃي.

واقعي خلاف ملير ۾ جسقم ڪارڪنن ضمير حاجاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

لاڙڪاڻي ۾ به ڪارڪنن ممتاز شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

قمبر، شهدادڪوٽ، گمبٽ ٺل،راڻيپور، ٽنڊو محمد خان، سامارو ۽ ٻين شهرن ۾ به ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته شهيد وحيد لاشاري جا قاتل  فوري طور گرفتار ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سموري سنڌ اندر احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*