شام ۾ حڪومتي فورسز ۽ ويڙهاڪن وچ ۾ ويڙهه جاري هوائي حملن ۾ 7 شهري به مارجي ويا

شام ۾ حڪومتي فورسز ۽ ويڙهاڪن وچ ۾ ڇتي ويڙهه جاري آهي، شامي فورسز پاران شام جي رقعه واري علائقي ۾ داعش جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن تي هوائي حملا ڪيا ويا جنهن ۾ 7 شهري به مارجي ويا آهن.

شامي حڪومتي فورسز پاران رقعه واري علائقي ۾ هوائي حملا ڪيا ويا جنهن جي سوشل ميڊيا تي وڊيو به جاري ڪئي وئي آهي،هوائي حملن ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڀاتين سميت 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

شام ۾ مانيٽرنگ ڪندڙ انساني حقن واري تنظيم جو چوڻ آهي ته ٻه ڏينهن اڳ به ساڳئي علائقي ۾ هوائي حملا ڪيا ويا هئا جنهن ۾ 63 شهري مارجي ويا هئا.

واضع رهي ته شام ۽ عراق جي سرحدي علائقن ۾ شدت پسند تنظيم جي ٺڪاڻن تي امريڪا ۽ سندس اتحادين پاران هوائي حملا ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ ويڙهاڪن سميت ڪيترائي معصوم شهري به مارجي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*