سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جي يو آءِ جو مرڪزي اڳواڻ خالد محمود سومرو شهيد ٿي ويو

سکر  جي سائيٽ ايريا واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جي يو آءِ جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومري مارجي ويو،  خالد محمود سومري تي  نماز پڙهڻ دوران سجدي واري حالت ۾ فائرنگ ڪئي وئي، سندس مڙهه لاڙڪاڻي پهچايو ويو آهي، جتي سندس تدفين ڪئي ويندي.

 سکر جي سائيٽ ايريا جي کوسا ڳوٺ ۾ نئين تعمير ٿيندڙ مدرسي ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو فجر جي نماز ادا ڪري رهيو هو ته هٿياربند مٿس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هـُو سخت زخمي ٿي پيو.

ڊاڪٽر خالد محمود سومري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو.

پوليس موجب، ڊاڪٽر خالد محمود سومري کي پٺيءَ ۾ چار گوليون هنيون ويون ۽ هٿياربند نمازي جي روپ ۾ مدرسي ۾ ويٺل هو، جنهن  سجدي واري حالت ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومري تي فائرنگ ڪئي.

پوليس موجب، ڊاڪٽر خالد محمود سومري سان گڏ 2 محافظ موجود هئا، واقعي وقت هڪ محافظ وضو ڪري رهيو هو ۽ هڪ آرام ڪري رهيو هو.

ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل جي خبر سڄي سنڌ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي ۽ واقعي جي اطلاع تي جي يو آءِ جا ڪيترائي ڪارڪن ۽ اڳواڻ واقعي واري هنڌ پهتا، جنهن بعد مڙهه کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي چار  گوليون پٺيءَ ۾ لڳيون ۽ رت گهڻو وهڻ سبب سندس موت واقع ٿيو.

ڊاڪٽر خالد محمود سومري جو مڙهه سکر کان لاڙڪاڻي پهچايو ويو آهي، جتي سندس تدفين ڪئي ويندي.

جي آءِ اڳواڻ حافظ حسين جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي تدفين جو فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو، مولانا فضل الرحمان ڪارڪنن کي پر امن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي.

حافظ حسين احمد جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر خالد محمود سومري تي اڳ به حملا ٿي چڪا هئا، جي يو آءِ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي مقصدن تي ڪم ڪندي رهندي.

جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري جو چوڻ آهي ته خالد محمود سومري جي قتل خلاف سڄي ملڪ ۾ سوڳ ملهايو ويندو.

هوڏانهن وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، خالد محمود سومري جي قتل جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر  جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.

وڏي وزير جاچ ڪميٽي کي حڪم ڏنو آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*