وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري خالد محمود سومري جي شهادت واري واقعي جي مذمت ڪري ڇڏي

وزيراعظم نواز شريف، اڳوڻي صدر آصف زرداري، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، گورنر عشرت العباد، متحده سربراهه الطاف حسين، فنڪشنل ليگ اڳواڻ امتياز شيخ ۽ ٻين سياسي اڳواڻن جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شهادت واري واقعي هي مذمت ڪندي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.

وزيراعظم نواز شريف جي يو اڳواڻ خالد محمود سومري تي جي شهادت تي ڏک جي اظهار ڪندي چيو ته هو ڏک جي گهڙي ۾ مرحوم جي گهر ڀاتين سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.

وڏي وزير قائم علي شاهه واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو هڪ بهادر اڳوڻ هو، جنهن جي شهادت تي ڏک پهتو آهي.

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حملي جي مذمت ڪندي چيو ته بُزدلاڻي ڪارروائي ڪري خالد محمود کي شهيد ڪيو ويو، جنهن جي توڙ تائين جاچ ڪرائي وڃي.

الطاف حسين واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومري جو قتل سنڌ جو امن خراب ڪرڻ جي سازش آهي.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومري جو خال ڀرجي نه سگهندو.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، گورنر سنڌ عشرت العباد، فنڪشنل ليگ سربراهه امتياز شيخ، ايس ٽي پي سربراهه قادر مگسي ۽ ٻين سياسي اڳواڻن ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*