ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڌرڻا

جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شهادت بعد سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جي يو آءِ ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، مختلف شهرن ۾ احتجاج ۽ هڙتالن کانسواءِ اهم روڊن تي ڌرڻا هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي آهي.

ڊاڪٽر خالد محمود سومري جو مڙهه لارڪاڻي جي دودائي قبرستان پهچايو ويو ته جي يو آءِ جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو ۽ واقعي خلاف لاڙڪاڻو شهر بند ٿي ويو.

خالد محمود سومرو جي شهادت بعد سکر، اوٻاوڙو، ڏهرڪي، ڪنڌڪوٽ، ٺل، مديجي، جيڪب آباد، شڪارپور، رتوديرو ۽ نئون ديرو ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

قمبر، شهدادڪوٽ، وارهه، بحرام، پڊعيدن ۾ به مڪمل طور شٽربند هڙتال آهي، جڏهن ته ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا به ڪيا ويا آهن.

ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه، نوشهرو فيروز، اسلام ڪوٽ، عمرڪوٽ، جاتي، ٻانڌي، مٽياري، نصرپور سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*