ڪرمپور ويجهو هڪ هفتو اڳ اغوا ٿي ويل 2 ڄڻن کي پوليس مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

ڪرمپور ويجهو هڪ هفتو اڳ اغوا ٿي ويل پي ٽي آءِ جي ٻن ڪارڪنن کي پوليس مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب ڳوٺ بگن خان بجاراڻي لاڙي وٽ مغوين جي موجودگيءَ واري ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جتي هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو.

هٿياربندن سان مقابلي دوران ٻن مغوين شعيب ڊومڪي ۽ عابد شاهاڻي کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس موجب بازياب ڪرايل ٻنهي ڄڻن کي ڪرم پور ٿاڻي تي آندو ويو آهي، جن کي اڄ ايس ايس پي وٽ پيش ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو.

واضع رهي ته بازياب  ڪرايل ٻئي پي ٽي آءِ جا ڪارڪن آهن، جيڪي 21 نومبر تي لاڙڪاڻي ڀرسان جلسي ۾ شرڪت بعد واپس وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن کين شير ڳڙهه لاڙي وٽان اغوا ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*