پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 48 ۾ ننڍي چونڊ جو عمل جاري

پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 48 ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، پاڪستان عوامي تحريڪ جي اميدوار جو مقابلو آزاد اميدوارن سان ٿي رهيو آهي.

پي پي  48ڀڪر۾ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي شروع ٿيو، جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام جو پنجين وڳي تائين جاري رهندو.

پي پي ڀڪر ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو انگ هڪ لک 52 هزار آهي، جن ۾ 85 هزار9 سئو 96 مرد ووٽرز ۽ عورت ووٽرز جو انگ 66 هزار کان وڌيڪ آهي.

ووٽنگ لاءِ هڪ سئو 44 تڪن ۾ هڪ سئو 44 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ 14 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن ۽ 13 سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رينجرز جا اهلڪار پڻ گشت تي موجود هوندا.

پي پي ڀڪر 48 ۾ ننڍي چونڊ لاءِ مجموعي طور تي 7 اميدوار ميدان ۾ آهن، جن مان 3 اميدوارن ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي.

نظر عباس ڪهاوڙ پاڪستان عوامي تحريڪ طرفان چونڊ وِڙهي رهيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو سئوٽ انعام الله خان نيازي ۽ احمد نواز نوراني آزاد اميدوار آهن.

واضح رهي ته پي پي ڀڪر 48 جي سيٽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي اميدوار نجيب الله نيازي جي لاڏاڻي بعد آڪٽوبر ۾ خالي ٿي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*