ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل جي شروعاتي جاچ رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي آءِ جي سنڌ

جـَي يـُو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل جي شروعاتي جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حملو ڪندڙ جوابدارن جو انگ چار جو، ٻن جوابدارن مدرسي اندر داخل ٿي خالد محمود سومري تي فائرنگ ڪئي،آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

سکر پوليس، ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل جي شروعاتي جاچ رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر خالد محمود سومري تي صبح جو 6 لڳي 25 منٽن تي حملو ڪيو ويو.

شروعاتي جاچ رپورٽ موجب، حملو ڪندڙ جوابدارن جو انگ 4 هو، جيڪي اڇي رنگ جي ڪار ۾ سوار هئا، ٻن جوابدارن مدرسي اندر داخل ٿي ڊاڪٽر خالد محمود سومري تي فائرنگ ڪئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حملو ڪندڙ جي عمر 28 کان 30 سالن جي وچ ۾ هئي، واقعي واري هنڌ تان پسٽل جا 2 ۽ ايس ايم جـِي رائيفل جا 11 خول هٿ ڪيا ويا آهن.

هوڏانهن آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر خالد محمود سومري جو قتل امن امان خراب ڪرڻ جي سازش آهي، اميد آهي ته جي يو آءِ ڪارڪن ۽ ڊاڪٽر خالد محمود جا همدرد پر امن رهندا.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو گذريل ڏينهن سکر ۾ رٿيل جلسي لاءِ پهتو هو، جتي کيس سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي.

آءِ جي سنڌ چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*